شاهه قاسم بيگلار1

شاهه قاسم بيگلار1: شاهه قاسم بيگلار، عربستان جي سادات گهراڻي مان هو ۽ مرزا شاهه حسن جي دور ۾، 1522ع ڌاري سمرقند مان نڪري سنڌ ۾ اچي رهيو. هو پهرين عربستان کان ترڪستان ۾ وڃي رهيو، بعد ۾ سمرقند کان ٿيندي جڏهن سنڌ آيو ته شاهه حسن ارغون کيس مان ڏيندي پنهنجي خاص درٻاري اميرن ۾ شامل ڪيو. هن ترڪن مان ٻه شاديون ڪيون، جنهن سبب ارغون سڏجڻ لڳو. مرزا شاهه حسن ارغون کيس اميرن ۾ شامل ڪرڻ بعد ‘جهيجو’ پرڳڻو کيس جاگير طور ڏنو. هن سنڌ ۾ راجپوت گهراڻي مان عمرڪوٽ جي واليءَ جي ڀائٽيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان امير شاهه قاسم خان زمان نالي پٽ ٿيو. جنهن وٽ ‘ڪاڇي’ جو ڳوٺ جاگير طور هو. محمد صديق مسافر، پنهنجي ڪتاب ‘سنڌ جي تاريخ’ (ڀاڱو پنجون) ۾ لکي ٿو ته، شاهه قاسم بيگلار، همايون مغل بادشاهه ۽ شير شاهه سوريءَ جي تخت ۽ تاج واري ويڙهه ۾ همايون جي شڪست کائي، سنڌ ۾ ‘جوڻ’ پرڳڻي ۾ اچڻ بعد مرزا شاهه حسن ارغون ۽ همايون جي وچ ۾ ٿيل ويڙهه ۾ 1543ع ۾ مارجي ويو. کيس نصرپور ڀرسان تورڪي جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. جنهن بعد اهو قبرستان ‘بيگلارن جو قبرستان’ سڏجڻ لڳو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو